خضدار(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 5.5 هئي ۽ ان جي گهرائي 60 ڪلوميٽر هئي.زلزلي مرڪز موجب سومر جي شام 5 لڳي 19 منٽن تي خضدار ضلعي جي علائقي ڳڙهي جوڪي ۾ زلزلي سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پيا،وڍ ۾ به گهر ڪري پيا، زمين ۾ ڏار پئجي ويا، ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زلزلي سان ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا