اولاد جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ويا پر امڙ جو ڪارڊ نه ٺهيو!

ڪراچي (رپورٽر) اولاد جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي  ويا پر ماءُ جو سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهي سگهيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ متاثر عورت عابده  نادرا خلاف سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي، عدالت نادرا عملدارن کي 19ڊسمبر جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نادرا بينظير ڪالوني اورنگي ٽائون جي رهواسڻ عابده کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي نه ڏنو آهي، وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته نادرا وارا سبب نه پيا ٻڌائن، متاثر عورت جي مڙس سميت سڄي خاندان جا ڪارڊ موجود آهن، 1988ع ۾ شادي ٿي آهي ٻار وڏا ٿي ويا آهن، عورت جو چوڻ هو ته عمري تي وڃڻو آهي، سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ ڪري هوءَ عمري تي نٿي وڃي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.