ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍڻ تان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍڻ تان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، موهن جي دڙي تي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪجهه ڪارڪنن طرفان جهنڊا کڻي رياست ۽ پاڪستان خلاف چڙ ڏياريندڙ نعريبازي ڪرڻ جي الزام ۾ ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جي 60 ڪارڪنن خلاف موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي تي سرڪار طرفان فريادي ٿي بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ويا، ڪيس ۾ 18 سڃاتل ۽ 42 اڻ سڃاتل ڪارڪنن تي رياست خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدارن ۾ سهيل ميراڻي، ڪامران، باسط، جميل شيخ، مختيار ٿهيم، علي رضا منگي، شڪيل ڪڙيو، ڪامران سولنگي، دودو ديشي، راءِ ڏياچ پيرزادو ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته ميرپورماٿيلو ۾ 10 قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، بغاوت ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جا قلم شامل ڪيا ويا، اوٻاوڙو ۾ 10 سڃاتل ۽ 30 اڻ ڄاتل قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سکر پوليس 3 سڃاتل ۽ 45 اڻڄاتل ماڻهن خلاف بغاوت، ڊيوٽي اٽڪاءٌ ۽ فيض گنج پوليس 30 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، سکر ۾ اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران ضمير حسين خاصخيلي جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گلوب چوڪ ملٽري روڊ وٽ پھتاسين جتي 45 کان 50 ماڻھو روڊ بند ڪري بيٺل ھئا هو ملڪ خلاف بغاوت انگيز منصوبو جوڙي رياستي ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا، فيض گنج ٿاڻي تي ايڪتا ملهائيندڙ جسقم جي 9 سڄاتل ۽21 اڻ سڃاتل ڪارڪنن خلاف ملڪ خلاف نعريبازي ڪرڻ ۽ نفرت پکڙيندڙ نعرا هڻڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ مذمت جوڳو آهي:صنعان قريشي
ڪراچي(پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ پرامن ان طريقي سان قومي عيد ثقافت جون سڄي سنڌ کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت قومي عيد سنڌ سميت دنيا جي ڪيترن ۽ ملڪن ۾ وڏي جوش جذبي سان ملهائي وئي، 3 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ قومي لباس اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو پائي جيئي سنڌ جي قومي پرچمن سان ريليون ڪڍيون ويون، هن چيو ته سنڌ جي ثقافت پيار، محبت، امن، رواداري، مهمان نوازي، بهادري، وفا سهپ آهي، سنڌ جي ثقافت جهڙي شاندار ثقافت دنيا ۾ نٿي ملي، هن چيو ته ته ثقافتي تقريبن ۾ جيئي سنڌ جي جهنڊن کي روڪڻ، ثقافتي تقريبن ۽ ريليون ڪڍڻ تي ايف آءِ آرون داخل ڪرڻ جي مذمت ٿا ڪيون،