راولپنڊي (م ڊ) سائفر ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪيو، کيس عدالت گهرائيندس. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته سائفر ڪيس ۾ جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ آمريڪي سفارتخاني جي آفيشلز کي شاهد بڻائيندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون سان ڪنهن ڳالهيون نه ڪيون، لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته چونڊون پي ٽي آءِ کٽيندي . سندس چوڻ هو ته مون کي جيئن پڪڙيو ويو، اهو هڪ پلان هو، نواز شريف لنڊن پلان کانپوءِ پاڪستان آيو، جيل ۾ رهڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي، جيل ۾ رهڻ عبادت سمجهان ٿو. خاور مانيڪا جي الزامن تي ردعمل ۾ عمران خان چيو ته مون بشريٰ بي بي جي صورت ڏٺي ئي نڪاح واري ڏينهن هئي، ٻارن کي پنهنجي ماءُ خلاف بيان ڏيڻ جو چيو پيو وڃي.