اي آر واءِ نيوز کي عاصمه شيرازي کان معافي وٺڻ جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيمرا جي فيصلي خلاف سينيئر صحافي عاصمه شيرازي جي اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،عدالت نجي چينل  اي آر واءِ نيوز کي سينيئر صحافي عاصمه شيرازي کان غلط خبر نشر ڪرڻ تي معافي وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس محسن اختر ڪياني 14 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خانگي چينل سينيئر صحافي عاصمه شيرازي بابت ڪوڙي خبر نشر ڪرڻ تي معافي وٺي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خانگي چينل کي سينيئر صحافي عاصمه شيرازي کي 50 هزار ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.عدالت چيو ته عاصمه شيرازي چاهي ته پرائيويٽ چينل خلاف به هتک عزت جو دعويٰ داخل ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.