اينڪر حامد مير جو پروگرام بند، تڪراري اطلاع

لاهور (عوامي آواز نيوز) نامياري صحافي حامد مير جو پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ٻن هفتن لاءِ بند ٿي ويو آهي، جنهن بابت تڪراري اطلاع آهن، نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته اي آر واءِ نيوز جي ڊائريڪٽر عماد يوسف جي ٽوئيٽ مان تاثر ملي ٿو ته دٻاءُ تحت حامد مير کي ٻن هفتن لاءِ پروگرام ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻيو اطلاع اهو آهي ته حامد مير ٻن هفتن جي سالياني  موڪل تي ويو آهي، اڪثر اينڪر ۽ صحافي سال جي آخري مهيني ڊسمبر ۾ موڪل تي ويندا آهن، صحافي حامد مير پاڻ  رات دير تائين ڪابه وضاحت نه ڪئي آهي ۽  نه ئي جيو چينل ڪا وضاحت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.