مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري صدارت جا اميدوار، نواز شريف پريشان

لاهور (عوامي آواز نيوز)  پنجاب مان مسلم ليگ (ن) 80 کان 90 قومي تڪن تان ڪامياب ٿي سگهي ٿي، نواز شريف کي پارٽي اڳواڻن کان مليل رپورٽ مايوس ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ نواز شريف ڪي پي ڪي  جي 60 سيٽن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته صرف راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته پنجاب جي 141 قومي تڪن مان 125 سيٽن تي ن ليگ ڪامياب ٿيندي، جڏهن ته نواز شريف کي ٻين ذريعن کان ملندڙ رپورٽون پريشان ڪري رهيون آهن، ان ڪري مولانا فضل الرحمان کان نواز شريف ڪي پي ۾ مدد گهري ورتي آهي، موٽ ۾مولانا صدر جو عهدو گهري ورتو آهي، ڇو ته اهي رپورٽون اچي رهيون آهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جو ووٽ  موجود آهي، ڪي پي ۾ پرويز خٽڪ  ۽ پنجاب  ۾ استعڪام پاڪستان پارٽي پي ٽي آءِ  جو ووٽ ٽوڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا، جڏهن ته نواز شريف کي ” لاڏلي “  جي ليبل به ڦاسائي وڌو آهي، پنجاب ۾ پ پ جي به صورتحال بهتر نه آهي، پ پ ۽ ن ليگ جو زور بلوچستان تي آهي پر اتي ووٽ ورهائجي ويندا ڇو ته جي يو آءِ جو به چڱو خاصو اثر آهي. سنڌ ۾ پ پ سان مقابلي لاءِ فوري طور ڪا وڏي سياسي قوت موجود نه آهي، ڪوششون ضرور ٿي رهيون آهن، ان سموري صورتحال ۾ آصف علي زرداري اڃان باقاعده سرگرم نه آهي، ان ڪري صورتحال منجهيل آهي، نواز شريف لاڏلي جو ليبل لاهي ٿو تڏهن به نقصان ۽ ليبل نٿو لهي تڏهن به نقصان ان صورتحال  نواز شريف کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. صدارت جي عهدي تي آصف علي زرداريءَ جي نظر کتل آهي. مولانا فضل الرحمان به صدارت جي عهدي جو اميدوار آهي. نواز شريف کي صرف جي يو آءِ نه پر پيپلز پارٽيءَ  جي به وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ  لاءِ ضرورت آهي. ڏسڻو آهي ته ان صورتحال  مان نواز شريف ڪيئن ٻاهر نڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.