عوام مهانگائي مان نجات ۽ معاشي خوشحالي چاهي ٿي:شهبازشريف

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته  اتفاق راءِ وارو قومي معاشي منشور ئي پاڪستان کي مسئلن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿي. چونڊن ۾ ڪاميابي ملي ته نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قومي ترقي جي معاشي منشور تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته چارٽر آف اڪانامي جي تجويز مخالف ڌر جي قائد طور ڏني هئي جنهن تي اڄ پوري قوم متحد ٿي چڪي آهي. سياسي ۽ جذباتي بيانن سان نه پر پاليسي قدمن سان ئي معيشت بحال ٿيندي ۽ عوام کي مهانگائي مان نجات ملندي. هن چيو ته عوام مهانگائي مان نجات ۽ معاشي خوشحالي چاهي ٿي. تاريخ گواه آهي ته مهانگائيءَ مان نجات صرف مسلم ليگ (ن) ئي ڏياري آهي. هن چيو ته زرعي انقلاب آڻينداسين،

پرويز الاهي، مونس الاهي خلاف نيب ريفرنس ٻُڌڻيءَ لاءِ منظور

لاهور(م ڊ)لاهور جي احتساب عدالت چوڌري پرويز الاهي، مونس الاهي سميت ٻين ملزمن خلاف ترقياتي رٿائن ۾ مبينه اربين رپين  جي ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس وصول ڪرڻ خلاف نيب ريفرنس جي جاچ پڙتال بعد ٻُڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتو. احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ ريفرنس کي ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ لاءِ ريفرنس فائل احتساب عدالت جي جج زبير شهزاد ڪيانيءَ جي عدالت ۾ موڪلي ڇڏيو. احتساب عدالت نيب عملدارن گجرات ٺيڪن ۾ ڪڪ بيڪس ۽ رشوت جي جاچ مڪمل ڪري چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سميت ٻين خلاف هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ريفرنس داخل ڪيو آهي. نيب ريفرنس موجب پرويز الاهي ٻين ملزمن گڏجي رشوت ۽ ڪڪ بيڪس جي مد ۾ هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا مالياتي فائدا حاصل ڪيا. پرويز الاهي سڀ کان وڌيڪ 74 ڪروڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ رقم رشوت ۽ ڪڪ بيڪس جي مد ۾ وصول ڪئي.

نوازشريف ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ سان نئون لاڏلو ڪيئن ٿي ويو؟:راڻا ثناءَالله

لاهور(م ڊ) نون ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مسلم ليگ ن اليڪشن جي لاءِ مڪمل طور تيار آهي، نوازشريف ڪوڙا ڪيس  ختم ٿيڻ سان نئون لاڏلو ڪيئن ٿي ويو؟ 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون ۽ نون ليگ اڪثريت سان پنهنجي حڪومت ٺاهيندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين غرور ۽ تڪبر ۾ اچي 9 مئي واري حرڪت ڪئي . هن چيو ته جي يو آءِ سان چونڊ اتحاد نه ٿيندو، سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري سگهجي ٿي، دانيال عزيز جو احسن اقبال سان تڪرار ٽڪيٽ جي معاملي تان ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.