لاهور(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين ڌرين سان گڏ چونڊ اتحاد ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪيو ويو،ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ايندڙ عام چونڊن سميت ٻنهي پارٽين جي سياسي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت فارمولي تي غور ڪيو ويو.ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل ملڪ گير بلدياتي نظام تي تفصيلي مشاورت ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل مڪاني حڪومتن جي نظام تي مڪمل اتفاق ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جون 3 پارٽيون ٻين اتحادين سان گڏجي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري چونڊ ميدان ۾ اينديون،.پارٽي ذريعن موجب نواز شريف اشارو ڏنو آهي ته هو صدارتي اميدوار جي معاملي تي ايندڙ پارليامينٽ ٺهڻ کانپوءِ فيصلو ڪندو.