ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جو مقصد صوبائي حڪومتن کي ناڪارا بڻائڻ آهي: رضا رباني

ڪراچي (م ڊ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جو مقصد صوبائي حڪومتن کي ناڪاره بڻائڻ آهي، هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته مقصد اسٽيبلشمينٽ جي نوان انتظامي  صوبا ٺاهڻ واري پراڻي خواهش پوري ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪجهه سياسي جماعتون ارڙهين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ چاهين ٿيون، ارڙهين آئيني ترميم مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جي آڙ ۾ ويڙهڻ جي ڪوشش آهي، ان ڪوشش خلاف پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر مزاحمت ڪئي ويندي، لڳي ٿو ته ورلڊ بينڪ، پاڪستان جي حڪمرانن، اشرافيه، سينٽرل سياسي جماعتن کي ميدان ملي ويو آهي، ضلعن کي وفاقي حڪومت کان وسيلا ڏيڻ آمر جنرل مشرف جي ڊيولوشن جو حصو آهي، هن چيو ته هن قدم سان نه صرف انتظامي، مالي بنيادن تي نوان صوبا ٺهندا پر صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ وسيلا ٻيهر مختص ٿيندا، ان سان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ترميم ٿيندي، هي قوتون باهه سان کيڏي رهيون آهن، وفاق تي سنجيده اثر پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.