تڪ بنديون درست ڪرڻ کان بغير شفاف اليڪشن ناممڪن، پ پ لاءِ ماحول ٺاهيو ويو آهي: جي ڊي اي

ڪراچي( رپورٽر)  گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس تڪ بندين کي درست ڪرڻ کانسواءِ شفاف اليڪشن ناممڪن قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن نگران سنڌ سرڪار خدشا ختم نه ڪيا ته  پوءِ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ نظام درهم برهم ڪيو ويندو ۽ دما دم مست قلندر ٿيندو،  جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي، عرفان الله مروت ۽ بئريسٽر حسنين مرزا ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ نثار دراني پيپلز پارٽي جي حلف يافتا ڪارڪن طور ڪم ڪري رھيا آھن،انھن جي عھدي تي رھڻ سان سنڌ ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناھي سموري صورتحال پير صاحب پاڳاري آڏو رکي ڇڏي آھي،اھو مشورا ڪري رھيو آھي، ڄاڻي واڻي جي ڊي اي جي تڪن ۾  پيپلزپارٽي جي چوڻ تي من پسند تڪبنديون ڪيون آھن،جنھن جو مقصد مخالفن کي چونڊ عمل کان پري رکڻ آھي،پر جي ڊي اي سازشن کان ڊڄڻ واري ناھي،صورتحال جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين،هنن چيو ته نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن پ پ کي ڪامياب ڪرائڻ چاھي ٿي،جي ڊي اي جي ماضي جي چونڊيل نمائندن جي تڪن پي ايس 40،پي ايس 41 پي ايس 42 پي ايس 29 م غير قانوني تبديليون ڪيون ويون آھن،ھنن چيو ته اسان سنڌ جي نگران وڏي وزير تي ڀروسو ڪيو ته ھو بھترين جج رھيو آھي پر نگران وڏو وزير بڻجڻ کانپوءِپ پ  جو ايجنٽ بڻجي ويو آهي ، جيالن  آفيسرن کي ھيل تائين تبديل ناھي ڪيو ويو،ھن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾رڪارڊ ڌانڌليون ڪيون ويون آھن جنھن جا ثبوت اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايا آھن،پر ھيل تائين ڪاب شنوائي نه ٿي آھي، خيرپور، سانگھڙ، بدين، نوشھروفيروز، عمرڪوٽ، شڪارپور سميت اسان جي اڪثر تڪن کي تبديل ڪيو ويو آهي ، اڳواڻن چيو ته جي ڊي اي ۾شامل ٿيڻ لاءِ سنڌ جون اھم سياسي شخصيتون رابطي ۾ آھن جيڪي جلد جي ڊي اي ۾ شامل ٿيندا،ھنن چيو ته سعيد غني سرڪاري بنگلي کي پيپلزپارٽي جي آفيس ٺاھي اليڪشن مھم ھلائي رھيو آھي ، ھنن چيو ته سانگھڙ کان خيرپور تائين ھڪ تڪ ٺاھيو ويو آهي ،اگر فرمائش تي تڪ ٺاھي پ پ کي اقتدار ڏيڻو آھي ته چونڊون ڪرائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي ،ڊاڪٽر صفدر عباسي ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته زرداري سنڌ ۾ سڀني کي ھٿ کڻائڻ چاھي ٿو پر سنڌ جا ماڻھوڪرپٽ مافيا کي گھر موڪليندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.