متحده کي تڪبندين تي اعتراض، چئيلنج ڪرڻ تي غور

ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول ۽ ٻين  اڳواڻن چيو آهي ته  سنڌ ۾ نگرانن جي ڪا به حڪومت نه آهي، صوبي جا سمورا معاملا پيپلزپارٽي جا اڳوڻا وزير هلائي رهيا آهن، شفاف چونڊون نه ٿيون ته سياسي بحران اڃا وڌي ويندو. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول ۽ ٻين اڳواڻن جون چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول ۽ فاروق ستار وڌيڪ چيو ته اسان نئين تڪبندين تي اعتراض واريا، اسان جو هڪ به اعتراض نه ٻڌو ويو، پيپلزپارٽي جا سمورا اعتراض منظور ڪيا ويا.  خالد مقبول جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي، ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيف اليڪشن ڪمشنر کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.