نواز ليگ پاران سنڌ ۾ فرمائشي تڪ بندين خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) مسلم ليگ نواز سنڌ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڪيل تڪ بندين تي اعتراض واريندي اعلان ڪيو آهي ته چونڊن کان اڳ  ان ڌانڌلي کي روڪڻ لاءِ عدالت جو در کڙڪايو ويندو، مسلم ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ، نهال هاشمي ۽ قادربخش ڪلمتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چونڊن کان اڳ پ پ پري پول ڌانڌلي جي شروعات ڪئي آهي، پوري سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ پ پ جي فرمائش تي ڪيل تڪ بندين تي اعتراض آهي، ان بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کي آگاهه ڪيو آهي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر تي اعتماد نه آهي، بشير ميمڻ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ به فرمائش تي تڪبنديون ڪيون ويون آهن، ان تي اعتراض آهي،پرامن آهيون اسان ان عمل خلاف قانوني رستو اختيار ڪنداسين، هن چيو ته پ پ 15 سالن ۾ سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته هاڻ ڇا ڪندي، پ پ جي ڪيل ڌانڌلين واري ڪمن تي خاموش نه وينداسين، اسان ڪنهن کي به ڌمڪيون نه ڏنيون آهن،  هن چيو ته ڪراچي جو به حق آهي ته ان کي لاهور جيتري ترقي ملي، نهال هاشمي چيو ته نواز ليگ پ پ جي چونڊن کان اڳ ڌانڌلين لاءِ ڪيل فرمائشي تڪ بندين تي اعتراض ڪري ٿي، ان تي عدالت وينداسين، نواز ليگ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي چيو ته ملير ۾ فرمائشي تڪبنديون ڪيون ويون  آهن، پ پ جي فرمائش تي ڪيل تڪبنديون اليڪشن ڪميشن جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.