بشير ميمڻ آفيسرن کي ڌمڪائي رهيو آهي، ڊڄڻ وارا ناهيون: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته فوج اڻ ڌريو رهڻ جو اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين فوج جي ڪڍ پئجي  ويو، ساڳيو ڪم هاڻي جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ بشير ميمڻ ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي جي چوڻ تي نگران حڪومت ۾ ڪو به آفيسر نه لڳايو ويو آهي، سڀ گڏجي به پيپلزپارٽي کي شڪست ڏئي نه ٿا سگهن، ايم ڪيو ايم ادارن مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ پي ٽي آءِ وارو رستو اختيار ڪري رهي آهي،هن  الزام هنيو ته بشير ميمڻ آفيسرن کي فون ڪري چوي ٿو ته توهان جو اهڙو حشر ڪندس جو ياد رکندئو، نون ليگ وارا نواز شريف جي سياست جو پاڻ جنازو ڪڍي رهيا آهن، مصطفيٰ ڪمال جي ڌمڪين وارين تقريرن جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ايم ڪيو ايم جا اڃا وڌيڪ اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارا آهن، ايم ڪيو ايم وارن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.