ڪرمپور ڀرسان وين ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪرمپور ڀرسان وين  ۽ ٽرڪ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڪرمپور ڪيڊٽ ڪاليج واري علائقي انڊس هاءِ وي مير بگن خان بجاراڻي  لاڙي وٽ ڪوهيڙي، تيز رفتاري ۽ اوور ٽيڪنگ سبب وين ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب واقعي ۾ پارڪو آفيسر اڪبر اوڳاهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، اطلاع تي علائقي واسي ۽ ڪرمپور پوليس حادثي واري هنڌ پهتي،علائقي واسين ڪرمپور پوليس جي مدد سان وين ۾ ڦاٿل فوتي جي لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي اسپتالن ڏانهن موڪليو، ڪجهه زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ غوثپور، ڪنڌڪوٽ ۽ سکر جي اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو،  زخمين مان وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، پوليس موجب اڪبر اوڳاهي، سڪندر ملڪ، ظهير باجڪاڻي ۽ غلام مهدي ڀٽي واقعي ۾ فوت ٿي ويا، سنديپ ڪمار، علي حسن گولو، علي رضا ڪاظمي، شهباز ملڪ، عبدالحميد گولو، منصور شاهه، ڪرم الله بهلڪاڻي، اسماعيل بهلڪاڻي، مرتضيٰ ملڪ، عبدالرزاق، اعجاز احمد نصيراڻي،  مسمات نور خاتون ۽ ٻيا زخمين ۾ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.