ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ نگرانن جي ڪا به حڪومت نه آهي، صوبي جا سمورا معاملا پيپلزپارٽي جا اڳوڻا وزير هلائي رهيا آهن، شفاف چونڊون نه ٿيون ته سياسي بحران اڃا وڌي ويندو. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول ۽ ٻين اڳواڻن جون چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول ۽ فاروق ستار وڌيڪ چيو ته اسان نئين تڪبندين تي اعتراض واريا، اسان جو هڪ به اعتراض نه ٻڌو ويو، پيپلزپارٽي جا سمورا اعتراض منظور ڪيا ويا. خالد مقبول جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي، ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيف اليڪشن ڪمشنر کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو.