ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان محمد اچڪزئي چيو آهي ته هن وقت تائين 4 لک کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهي پاڪستان مان واپس وڃي چڪا آهن، جيڪا موجوده حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي.سومر ڏينهن ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان کي سمورن مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهي. ملڪ ۾ 17 لک غيرقانوني پرڏيهي آهن، حڪومت انهن سڀني کي ڪڍڻ چاهي ٿي، ان حوالي سان آپريشن جاري آهي.هن چيو ته افغان حڪومت عالمي سطح تي پاڻ کي تسليم ڪرائي ۽ ڪنهن کي به افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي.جان اچڪزئي افغان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ”حافظ گل بهادر کي فوري طور تي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي ۽ اهڙي طرح باقي انتهاپسند جن اتي پناهه ورتي آهي انهن کي به پاڪستان حوالي ڪيو وڃي.هن چيو ته رڳو بلوچستان مان اڍائي لک پرڏيهين جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيا آهن،جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.