اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 2024ع جي عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي سببن جي ڪري پاڪ فوج جي جوانن جي مقرري لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي.ان خط ۾ لکيو ويو آهي ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ 5 لک 91 هزار 106 سيڪيورٽي اهلڪارن جي ضرورت آهي پر صوبن ۽ وفاق ۾ 277558 پوليس اهلڪارن جي کوٽ آهي. ان لاءِ پاڪ فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز کي پولنگ واري ڏينهن غير متحرڪ انداز ۾ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.خط ۾ ملڪ ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو به حوالو ڏنو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي اسٽيٽڪ ۽ ڪوڪ ريسپانس فورس جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن کي 7 ڊسمبر کان اڳ آگاهه ڪيو وڃي.