ماروي جي ديس ۾ به سنڌي ثقافتي رنگ نروار” سنڌي اباڻي ٻولي“جي گونج

عمرڪوٽ(رپورٽ:غلام مصطفي مھر) روزاني ”عوامي آواز  “ سٿ  جي سڏ تي عمرڪوٽ شھر ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا پريس ڪلب پُھتل ريلين ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ليکراج مالھي ، ايس يو پي ،ايس ٽي پي، ٻين جي اڳواڻي ۾ريليون پھتيون مھر برادري جي ريلي محمد فيان مھر، غلام  مرتضيٰ مھر، عبدالقيوم مھر، الله بخش مھر، محمد عاليان مھر، ھنز الله مھر  خاصخيلي برادري طرفان رسول بخش رحمداڻي، اسد علي خاصخيلي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ينگ سجاگ فورم طرفان فقير محب مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون  تقريب کي خطاب ڪندي صدام حسين مھر، رب نواز مھر شاهنواز مھر عبدالسلام مھر ۽ ٻين چيو ته  اسان سڀني کي عھد ڪرڻو پوندو ته سنڌ جي خوشحالي تعليم سان اچي سگهي ٿي، ميرٽ جي بحالي تڏهن ممڪن آهي جڏهن اعلي تعليمي ادارن ۾ ويٺل ڪامورا ميرٽ تي ڀرتي ڪندا معصوم ٻارڙن محمد فياض مھر، صادق مھر، ثقافتي گيت ڳايو شاگردن غلام مرتضيٰ، عبدالقيوم مھر، ۽ ٻين منھنجي سنڌڙي، سنڌي اباڻي ٻولي ڳائي داد حاصل ڪيو جڏهن ته مختلف اسڪولن جي شاگردن استادن وڏي انگ شرڪت ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.