شاهراهه فيصل تي صنعان قريشي جي قافلي کي روڪيو ويو

ڪراچي: شاهراهه فيصل سميت مختلف علائقن ۾ سڌين جي ريلين کي سيڪيورٽي ادارن روڪي رڪاوٽون وڌيون ۽ سوال جواب ڪندي پارٽين  جا جهنڊا کڻڻ کان روڪيو،  سنڌين عوامي آواز کي ٻڌايو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي قافلي کي ايف ٽي سي بلڊنگ وٽ شاهراهه فيصل تي سيڪيورٽي ادارن روڪي ورتو، ان دوران سنڌين کان سوال جواب ڪيا ويا، جڏهن ته قافلي کي پارٽي جا جهنڊا ڇڏڻ جي شرط تي وڃڻ جو اشارو ڏنو ويو، ان دوران سنڌين جي سخت احتجاج کانپوءِ قافلي کي پريس ڪلب ڏانهن منزل ڏانهن ڇڏيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.