میرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي ثقافتي رنگن ۾ سنڌ گونجي اٿي

ڪراچي: ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي جي سري هيٺ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي تي  پوري سنڌ هڪ آواز ٿي وئي، تعليم، صحت،  زمين جي حفاظت سميت ميرٽ ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو، عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي مرڪزي ريلي عوامي آواز  ميڊيا گروپ جي هيڊ آفيس کان گروپ جي ڊپٽي ايڊيٽر ناصر خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪڍي وئي، جيڪا جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي وي ڊي کان ٿيندي شاهراهه فيصل تي پهتي جتي قومي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيندڙ نوجوانن ڀرپور موٽ ڏيندي رقص ڪيو ۽ ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي جا نعرا هنيا، ان بعد ريلي شاهراهه فيصل کان ٿيندي پريس ڪلب چورنگي پهتي، جتي مرڪزي پروگرام ٿيو،جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته عوامي آواز مظلومن جو آواز آهي، ان ميرٽ جي نعري جي چونڊ ڪري سنڌ جي شعور کي ظاهر ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌين هميشه امن جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪير رستا روڪ ڪندو ته سنڌي پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا، ان لاءِ ثقافتي ڏينهن سنڌين جي ايڪتا کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو پيغام سڀني لاءِ آهي، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته عوامي آواز سنڌين جو آواز ۽ مظلومن جو آواز آهي، هي ادارو بنا ڊپ ڊاهه ۽ دٻاءَ جي سنڌين جي آواز کي ايوانن تائين پهچائي ٿو ان تي اداري جي انتظاميا جس لهڻي، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو ته سرداري ۽ وڏيرڪي نظام جي ڪري ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي ۽ نوجوانن کي انصاف نه پيو ملي، هن چيو ته ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي سان ئي اڳتي وڌي ترقي ڪري سگهجي ٿي. عوامي آواز گروپ جي ڊپٽي ايڊيٽر ناصر خٽڪ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تڏهن ترقي ڪري سگهي ٿي، جڏهن ميرٽ کي سڀ کان اوليت ڏني وڃي، سنڌ جي عوام اڄ گڏ ٿي اهو پيغام ڏنو آهي ته ميرٽ جي بحالي کانسواءِ خوشحالي ممڪن ئي نه آهي. هن چيو ته عوامي آواز گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر جبار خٽڪ هميشه ميرٽ کي اهميت ڏني آهي، ميرٽ جي معاملي تي ڪا به ڪمپرومائيز نه ٿيندو، هن چيو ته عوامي آواز سنڌ جي زمينن جي نيلامي، پاڻي جي ڦرلٽ کان وٺي مظلومن جو آواز اٿاريو آهي.سماجي اڳواڻ ۽ صحافي مشتاق سرڪي خطاب ڪندي چيو ته عوامي آواز مظلومن جو آواز آهي، اڄ سنڌين هڪ هنڌ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي پيغام ڏنو آهي ته ميرٽ کانسواءِ ڪجهه نه ٿيندو، نوجوانن ميرٽ تي ڏيان ڏئي ملڪي خوشحالي ۾ حصو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته عوامي آواز گروپ هميشه مظلومن جو آواز بڻيو آهي، ان تي گروپ جس لهڻي، ڪراچي پريس ڪلب سنڌ جي ثقافتي رنگن جو مرڪز، سنڌين ڌارين جي نيڪالي جو مطالبو ڪندي اهو عزم ورجايو آهي ته پنهنجي ڌرتي کي ڌارين کان پاڪ ڪري ڌرتي ماتا جي حفاظت ڪئي ويندي، سنڌي ميڊيا جي گڏيل آواز ٿي پوري سنڌ مان سڌين جا ميڙا مچي ويا، هر طرف سنڌي نوجوان ۽ ڇوڪريون بنا ڪنهن فرق جي گڏجي ثفاقت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ رقص ڪندا رهيا، سنڌ جي سريلن فنڪارن ڌرتي ۽ ثقافت لاءِ گيت ڳائي نوجوانن جي جوش کي وڌايو.

حيدرآباد(رپورٽر+نمائندا) عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي واري نعري هيٺ ملهايل سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ثقافتي قومي عيد تي مرڪي پئي، جهر جهنگ ۾ ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وار جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن“ جيئي لطيف،  منهنجو سهڻو لطيف، ماروئڙا، سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار سنڌ ماڻهو پڌرا لکن ۾، ميرٽ جي بحالي سنڌ جي خوشحالي، سرداري ۽ جاگيرداري نظام نامنظور، ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو سنڌ اسان جي ماء آهي جهڙا گونجي اٿيا“، هٿن ۾ جهنڊا کنيل مختلف قومپرست ۽ سياسي جماعتن جا ڪارڪن ٽولين جي شڪل ۾ گشت ڪندا نظر آيا، سڄي سنڌ جيان حيدرآباد ۾ به سنڌي گيتن جي گونجار رهي، اجرڪ ٽوپي، پٽڪا پائي نوجوان روڊن رستن تي نڪري آيا، سنڌ جي ثقافتي سونهن نکري پئي، ان سلسلي حيدرآباد شھر جا سمورا روڊ رستا ۽ گھر گھٽيون ثقافتي عيد تي جرڪي پيون، ھزارين ماڻھو سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪا ۽ قومي لباس پھري روڊن تي نڪري آيا، مک تقريب حيدرآباد پريس ڪلب سامھون ٿي، جڏهن ته سنڌ ميوزيم، نسيم نگر چوڪ، لطيف آباد، هوسڙي، راهوڪي، جکراڦاٽڪ، حسين آباد، هيرآباد، هالاناڪي ۽ ٻين علائقن ۾ ننڍيون وڏيون تقريبون منعقد ٿيون ۽ ريليون پڻ ڪڍيون ويون، جڏھن ته  شھر جي مختلف علائقن مان نڪتل سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن جون ريليون پريس ڪلب، سنڌ ميوزيم ۽ نسيم نگر چوڪ تي پھتيون، پريس ڪلب ۽ سنڌ ميوزيم ۾ ثقافت کاتي پاران لڳايل اسٽيج تي ناميارن راڳين قومي گيت پيش ڪري ماڻھن کي جھمريون ھڻائي ڇڏيون، ان موقعي تي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ھزارين سالن جي سرزمين رهندي اچي پئي، هن ڌرتي جو اصل تشخص امن ۽ سلامتي آهي، سنڌ قديم آڳاٽي زماني کان هڪ زخيز خطو رهيو آهي، هن ڌرتي جي ماڻهن کي صديون پراڻي شاهوڪار تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ ٻولي آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت تي اڄ به ناز ڪن ٿا، هنن چيو ته سنڌ واسين لاءِ سنڌ امڙ جو درجو رکي ٿي ۽ ان جي لوئي لڄ رکڻ لاءِ سندس جوڌا سپر سينا تاڻي جانين جا نذرانه ڏئي سگهن ٿا پر پنهنجي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي خلاف ڪا به طنز ۽ چٿر يا وار برداشت نه ڪندا، هنن چيو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي جوهر صدين کان ڏاڍا پيارا سهاڻا سادگي پسند ۽ مهمان نواز ماڻهو آهن، سنڌ جي ثقافت ۽ مهمان نوازي ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، هر سال سنڌي ميڊيا جي سڏ تي ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، هن چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ سميت سڄي سنڌي ميڊيا طرفان 3 ڊسمبر تي سنڌ جي قومي ثقافتي عيد ملهائڻ جو سنڌ واسين کي سڏ ڏنو، هنن چيو ته سنڌ جو نوجوان ميرٽ جي قتلام، بيروزگاري، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند جهڙن مسئلن جي ڪري ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي، ميرٽ جي نه هجڻ سان سڄو نظام تباهه ۽ برباد ٿي ويو آهي، ان ڪري اسين سمجهون ٿا ته ميرٽ جي بحالي واري نعري جي وڏي اهميت آهي، جڏهن ته سانگهڙ، جيڪب آباد، شڪارپور، خيرپور، گهوٽڪي، عمرڪوٽ،  ميرپورخاص، ٽنڊي محمدخان، ٽنڊي الهيار، ڄامشوري، نوشهروفيروز، سکر، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قمبرشهدادڪوٽ، بدين، سجاول، ٺٽي، نوابشاهه  ۽ ٻين ضلعن ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۾ ثقافت ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.