لاهور جون اهم شخصيتون پ پ ۾ شامل ٿينديون !

لاهور (عوامي آواز نيوز)  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 12  ڊسمبر کان لاهور ۾ ديرو ڄمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن دوران اهم سياسي اٿل پٿل  جا امڪان آهن، نامياري  صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو رڳو لاهور ۾ قيام نه ڪندو پر ڀر پاسي جا دورا به ڪندو، گجرانوالا، چنيوٽ، لاله موسيٰ، قصور، سيالڪوٽ  ۽ ٻين شهرن ۾ به جلسا ڪندو، امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ان دوران اهم شخصيتون پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان پڻ ڪنديون، بلاول ڀٽي جو لاهور دورو ن ليگ لاءِ چئلينج بڻجي سگهجي ٿو. ڇو ته ن ليگ اڃان تائين عوامي چونڊ مهم شروع نه ڪئي آاهي. ان جي ڀيٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري مسلسل سرگرم آهي، جنهن جو کيس سياسي فائدو ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.