اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن جي دٻاءُ سبب اسٽيبلشمينٽ چونڊن ۾ دير ڪرڻ جو منصوبو ملتوي ڪري 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس کي به چونڊون دير سان ڪرائڻ تي راضي ڪرڻ ۾ اهم حلقا ڪامياب نه ٿي سگهيا، سپريم ڪورٽ مان اهو ئي پيغام ويو ته هر صورت ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ڪرايون وڃن، آءِ ايم ايف ۽ عالمي برادري کان به اهو ئي پيغام مليو ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ 8 فيبروريءَ تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.