ن ليگ ارڙهين ترميم جا اختيار اسلام آباد کي واپس ڪرڻ چاهي ٿي: بلاول

ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  نوازشريف ووٽ کي عزت ڏياري،ان جي بي عزتي نه ڪري، انتظاميا بدران پنهنجي ڪلهي تي اليڪشن وڙهي، سياسي پارٽين طرفان ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو حقيقت تي ٻڌل آهي، اڙهين ترميم ختم ڪرڻ جو مقصد اختيار اسلام آباد کي ڏيڻ هوندو،اهڙي حڪومت ٺاهڻي پوندي جيڪا ارڙهين ترميم تي عمل ڪري، هن اها ڳالهه ڪالهه ڪوئيٽا ۾ پيپلزپارٽي بلوچستان جي صدر مير چنگيز خان جمالي جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي، جيڪڏهن هو اليڪشن ۾ ڪو ٻيو فيصلو ڏين ٿا ته اسان اهو قبول ڪنداسين،جن کي لاهور ۾ ٽماٽا ۽ آنا لڳي رهيا آهن انهن کي سنڌ نه پنهنجي گهر جي ڳڻتي آهي،هن چيو ته 2018ع ۾ چيو ويو ته فلاڻو ليڊر فرشتو آهي باقي سڀ خراب آهن 2023ع ۾ ڪنهن ٻئي کي فرشتو بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، اسان عوام جو لاڏلو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون،  هن چيو ته 8 فيبروري تي پيپلزپارٽي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي عوام جا مسئلا حل ڪنداسين. آصف علي زرداري 18 هين ترميم ذريعي بلوچستان کي حق ڏياريا،ن ليگ ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ چاهي ٿي هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه شفاف چونڊون ۽ ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪئي، اسان نه رڳو پنهنجي لاءِ پر سمورين سياسي پارٽين لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪريون ٿا. پيپلزپارٽي ڄاڻي ٿي ته سياسي پچ تي ڪيئن کيڏيو ويندو آهي، هن چيو ته ٽڪراءُ جي سياست بدران سڀني کي مفاهمت طرف وڃڻ گهرجي، 18 هين ترميم تي اڃا تائين مڪمل عملدرآمد ناهي ٿيو، چمن ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي پ پ جو مطالبو آهي ته ماڻهن جي ڳالهه ٻڌي وڃي،  هن چيو ته پيپلزپارٽي جو ڪو به سياسي مخالف نه آهي،اسان جو مقابلو مهانگائي،غربت ۽ بيروزگاري سان آهي،  نفرت، انا ۽ دشمني جي سياست ملڪ لاءِ سٺي شيءَ ناهي، مان اهڙي سياست تي يقين نٿو رکان، منهنجي پنهنجي تاريخ آهي مان ان موجب سياست ڪندس بلاول ڀٽو چيو ته اسان ملڪ ۾ نئين طرز جي سياست متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا، ضروري آهي ته سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن،هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي جنهن کي سياسي جماعتن ۾ گفتگو جو ماحول بڻائڻ گهرجي،

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) 18هين ترميم ۾ وڌيڪ ترميمن جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي  ته 18هين ترميم نامڪمل آهي، ن ليگ ان کي مڪمل ڪندي. ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله اعلان ڪيو آهي ته 18هين ترميم کي واپس آڻڻ جو ڪو به خيال ناهي. پي ڊي ايم ڪڏهن به چونڊ اتحاد ناهي ڪيو، دانيال عزيز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي پارلياماني بورڊ جي پهرين اجلاس کانپوءِ احسن اقبال چيو ته 18هين ترميم نامڪمل آهي، ن ليگ ان کي مڪمل ڪندي. اسان جو 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي پر وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ مرڪز کان اختيار صوبن کي مڪاني ادارن ذريعي ورهائينداسين،ارڙهين ترميم ذريعي مرڪز کان اقتدار صوبن تائين منتقل ٿيو پر صوبن کان اهو اختيار مڪاني ادارن کي منتقل ناهي ٿيو، پ پ خبر ناهي ڇو ان حوالي سان پريشاني ۽ ابهام پيدا ڪرڻ چاهي ٿي، اسان ارڙهين ترميم ذريعي ڏنل اختيار واپس نه وٺنداسين بلڪه عوام کي وڌيڪ اختيار ڏينداسين،ڇا پ پ اهو چئي سگهي ٿي ته جيئن ڪراچي کي بڻايو تيئن پورو ملڪ بڻائينداسين، احسن اقبال وڌيڪ چيو ته بلاول کان غير ذميواراڻي بيان جي اميد نه هئي، پيپلز پارٽي ن ليگ تي تنقيد ڪري پنجاب مان ووٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ن ليگ تي تنقيد ڪري ووٽ حاصل ڪري سگهي ٿي ته کين مڪمل آزادي آهي.دانيال عزيز بابت سوال تي احسن اقبال چيو ته دانيال عزيز بلاول ڀٽو جي ٻولي ڇو ڳالهائي رهيو آهي، سندس الزامن جو مون يا منهنجي وزارت سان ڪو به تعلق ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.