بانل دشتياري بلوچي ادب ۾ عورتن کي لکڻ لاءِ ھمٿايو:ليکڪ

ڪراچي (رپورٽر ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ جاري سورھين  عالمي اردو ڪانفرنس جي ٽئين ڏينھن بلوچي ٻولي ۽ ادب جي  ستارن بابت سيشن ٿيو. ھن سيشن ۾ ڊاڪٽر رحيم مھر ڊاڪٽر غفور شاد ڪامريڊ واحد بلوچ زاھده رئيس راجي ۽ اسحاق خاموش پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو سيشن جي ميزباني وحيد نور ڪئي. زاھده رئيس راجي، بانل دشتياري بابت ڳالھائيندي چيو ته بانل دشتياري بلوچي ادب ۾ عورتن کي لکڻ لاءِ ھمٿايو ھن شروعات ۾ فرضي نالن سان لکڻ شروع ڪيو پر بعد سندس اھو ئي نالو مشھور ٿيو ، استاد ظفر علي ظفر بابت اسحاق خاموش ڳالھائيندي چيو ته استاد ظفر بلوچي شاعري کي سڃاڻپ ڏني ، ھن جي ٻولي سادي ۽ سولي ھئي ، کيس بلوچي شاعري ۾ شھنشاھ غزل جي حيثيت حاصل رھي. گل خان نصير بابت ڳالھائيندي واحد بلوچ چيو ته گل خان نصير سڄي حياتي مزاحمتي ادب سرجيو  ھو مزاحمتي بلوچي ادب جو روشن ستارو ھئو جنرل ايوب کيس جيلن ۾ وڌو پر ھو مزاحمت کان پوئتي نه هٽيو. ڊاڪٽر غفور شاد چيو ته ھر تھذيب ۽ ادب جون پنھنجون روايتون آھن اھڙي ريت بلوچي ادب جون به پنھنجون روايتون آھن. ڊاڪٽر رحيم مھر چيو ته سيد ظھور احمد شاھ جي ڪوششن سان بلوچي ٻوليء جي رسم الخط ٺھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.