سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي اهميت ۽ ضرورت

ڪي ڏينهن يا ڪي انقلاب هڪڙن واقعن جي پسمنظر ۾ جنم وٺندا آهن. سال 2010 کان سنڌي ميڊيا جيڪو ساليانو ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي روايت وڌي آهي تنهن جو پسمنظر به هڪ ميڊيا اينڪر جي تڏهوڪي صدر آصف زرداري تي ڪيل ٺٺول هئي. ان غير سنڌي صحافيءَ اعتراض اٿاريو هو ته آصف زرداري کي بحيثيت ملڪ جي صدر، سنڌي ٽوپي نه پائڻ گهرجي. سندس خيال هو ته اها صوبائي علامت آهي.

پهرين ڳالهه ته سنڌي ٽوپي پاڪستان جي ان صوبي جي سنڌي قوم جي نمائندگي ڪري ٿي جنهن پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو پرسوال اهو آهي ته اسان جا حڪمران جيڪي فل سوٽ پينٽ شرٽ پائين ٿا سو ڀلا ڪهڙو ملڪي لباس آهي؟ سو ان اينڪر بس تعصب ڏيکاريو جنهن جو هر سال سنڌي قوم طرفان کيس فضليت سان جواب ڏنو ويندو آهي.

ان تنقيد جي جواب ۾ سنڌي قوم نه هڙتالون ڪيون، نه روڊ بلاڪ ڪيا، نه روڊن تي ٽائرن کي باهيون ڏنيون پر ان انتهائي منفرد ۽ اتساهيندڙ انداز سان احتجاج ڪري نه رڳو سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو پر سنڌ جي تاريخ کي ”قومي عيد“ ملهائڻ جو پڻ موقعو ڏئي ڇڏيو.سنڌي ميڊيا شاهد مسعود نالي ان اينڪر جي تنقيد جي جواب ۾ ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ته سڄي سنڌي قوم پنهنجن مٿن تي سنڌي ٽوپيون  سجائي ڇڏيون، ڪلهن تي اجرڪ اوڍي ڇڏيا، قومي گيتن تي جهمرين جا سهڻا ثقافتي قومي جذبا پکيڙي ڇڏيا جو ٻيو ته ڇڏيو ڌرتي به ڇيريون پائي نچڻ لڳي. سنڌي نياڻين وري سنڌي وڳا پهري پنهنجي ثقافت سان قومي محبت جو اظهار ڪيو. وري سنڌي ٻارن کي به ثقافتي لباس سان سينگاريو ويو ته سنڌ ۾ سنڌين جي نئين قومي عيد جو رواج پئجي ويو.هاڻي هي ثقافتي ڏينهن رڳو سنڌي ميڊيا نه پر سڄي قوم ملهائڻ لڳي آهي. هاڻي هر سنڌي اهو ڏينهن ملهائڻ کي پنهنجو قومي فرض سمجهڻ لڳو آهي.

هن ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو سڀ کان وڏو فائدو سنڌي ثقافت جي هنرمندن کي ٿيو آهي. اجرڪ سازن، سنڌي ٽوپيون ٺاهيندڙن، سنڌي ڀرت ڀريندڙن، ڪنڀرن، ڊکڻن کي ٿيو آهي. جڏهن ته نوي جي ڏهاڪي تائين سنڌي ثقافت جون شيون ۽ ثقافت جا  هنرمند تقريبن گم ٿي ويا هيا. سنڌي ڪلچر شهرن مان ته صفا موڪلائي چڪو هو پر جڏهن کان ثقافت جي سالياني ڏينهن جي روايت پئي تڏهن کان سنڌ جي ثقافتي صنعت ۾ نئون ساهه پئجي ويو آهي. نئون عروج اچي ويو آهي ۽ سنڌي ثقافت تي فخر جو جذبو ٻيڻو ٽيڻو چئوڻو ٿي ويو آهي.

سنڌي ثقافت جي هن سالياني روايت کي جيڪڏهن قومي انقلاب تصور ڪجي ته غلط نه ٿيندو، پر اسان جي گهڻن سنڌين کي به ان حقيقت جو اڃا مڪمل طور تي اندازو نه ٿيو آهي. خود اسان جا پنهنجا سنڌي ان ڏينهن کي بس ٽوپي اجرڪ ۽ نچڻ جي ڏينهن تائين محدود سمجهن ٿا جيڪا سندن بي علمي آهي.

هن ثقافتي ڏينهن کي سنڌ جي سياسي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي وڌيڪ ضروري آهي. هاڻي به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود کي خطرو آهي. ان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هر دور ۾ سازش ٿيندي رهي آهي. ان پسمنظر ۾ سنڌي قوم جو هن ثقافتي ڏينهن جي محاذ تي متحد ٿيڻ پنهنجي قومي وجود کي هر قيمت تي زنده رکڻ جو نه رڳو اعلان آهي پر عملي طور انقلابي سطح جي اڳڀرائي به آهي جنهن تي اسان کي بجا طور فخر آهي. هن ثقافتي ڏينهن اصل ۾ سنڌ جي قومي شعور جي نئين تعمير ڪئي آهي ۽ خاص ڪري ان ۾ اسان جي سنڌي عورتن ۽ ٻارنجي شرڪت هڪ وڏو پيغام ساڳي وقت وڏي للڪار آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ناممڪن آهي. جن ماڻهن به سنڌ کي ميري اک سان ڏٺو آهي سي ئي نيست ۽ نابود ٿي ويا آهن. پر سنڌي قوم هر دور ۾ پاڻ کي سرخرو ڪري ڏيکاريو آهي.

 ثقافتي ڏينهن پنهنجي جوهر ۾ سنڌ جي قومي وجود کي سرخرو ڪيو آهي. هاڻي ته هن ڏينهن جو اتساهه غير سنڌين به ورتو آهي. ٻيو ته ڇڏيو يورپ جي ملڪن به اهو ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو آهي. پنهنجن ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين سان پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان ڏينهن تي پرڏيهي ملڪن جي سربراهن سنڌي قوم کي به مبارڪباد جا پيغام به موڪلڻ شروع ڪيا آهن. مطلب ته هن ثقافتي ڏينهن عالمي سطح تي سنڌ جو تعارف به پيش ڪيو آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي فخر جوڳي سڃاڻپ به ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.