ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي

فياض حسين راڄپر

خالق ڪائنات سونهاري سنڌ اڳ ۾ ئي بي انتها انمول نعمتن سان ايترو ۽ اهڙو نوازيو آهي جنهن جو اندازو نٿو ڪري سگهجي. اهو اندازو ائين ڪري سگهجي ٿو ته انهن نعمتن کي کائڻ کپائڻ وارا تمام گهڻا آيا ويا ايندا ويندا رهيا پر پوءِ به اڄ تائين اهي نعمتون کٽيون ته ڪين آهن پر پوريون به ڪين ٿيون آهن اهڙين نعمتن ۾ سون، چاندي، جست، پتل، ٽامون، ڪوئلو ، قيمتي پٿر خوبصورت ٻيلا جيوت ، دريا زمينون پهاڙ ۽ پٽ، سنڌ جي خوشحالي جو اندازو هئين به ٿي سگهي ٿو ته پرڏيهي ۽ ٻين صوبن مان آيل خاندان به پنهنجو پنهنجو ننڍو وڏو ڪاروبار ڪرت ڪندي خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن هڪڙا آيا سمائجي ويا ٻيا آيا سمائجي ويا.

سنڌ سونهاريءَ اڃان وڌيڪ خوشحال بڻجي وڃي جيڪڏهن اڀرندڙ نسل کي ميرٽ وسيلي تعليم جهڙي نعمت سان نوازيو وڃي اسان جي ملڪ ۾ هر ننڍي وڏي اداري ۾ ميرٽ جو هوئڻ ضروري آهي ڇو جو جنهن اداري ۾ ميرٽ هوندي اتي قابليت ۽ قابليت واري اداري ۾ معيار هوندو آهي جي اهڙي صورتحال ساري ملڪ ۾ هجي ته ڇا اسان جو ملڪ بلند ترين سطع تائين پهچي وڃي جهڙي طرح صوفي درويش جي دربار ۾ سڀني عقيدت مندن کي لنگر هڪ ٿانءُ ۾ هڪ جهڙو ڏنو ويندو آهي.

بلڪل ائين ئي ميرٽ وسيلي هر ننڍي وڏي ٻار، ھر ننڍي وڏي درجي، ھر ننڍي وڏي اسڪول ڪاليج ۾ تعليم ڏني وڃي، اسان جو ملڪ ئي ترقي وارن ملڪن ۾ شامل ٿي وڃي پر افسوس اسان وٽ ميرٽ، ميرٽ ميرٽ جو راڳ هر اداري ۾ شد مد سان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي پر افسوس ميرٽ عملن ڪٿي به ڏسڻ ۾ ناهي ايندي. سڄي ملڪ ۾ ئي خاص ڪري سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شهر ۾ هر پاڙي گھٽي ۾ تعليمي ادارو موجود آهي پر افسوس منجهن قابليت ڪين هوندي آهي.

اسان جيڪڏهن پرڏيهي تعليمي سسٽم تي ويچاريون ته اسان ٻين سنهين ٿلهين ڳالهين کي کڻي هڪ پاسي رکون رڳو اهو ڏسئون ته پرڏيھه ۾ تعليمي عمارتن ۾ واڌ نه پر سکيا ڏيندڙ استادن جي معيار تي زور ڏنو. ويندو آهي پر افسوس اسان وٽ پنهنجي واڌارو جاءِ ۾ ننڍا وڏا ڪمرا ٺهرائي تعليمي اداري کي اُس، هوا ختم ڪندي سندس دروازي تي ڪنهن ڏاهي ڪنهن فلسفي ، ڪنهن بزرگ جو نالو ڏيئي تعليمي ادارو جوڙيو ويندو آهي ڳوريون فيهون، گهڻا ڪتاب، ميٽرڪ پاس سکيا ڏيندڙ نه ديني استاد نه پي ٽي ميدان نه استاد ، تعليمي ادارو گهٽ ڪاروباري مرڪز محسوس ٿيندو آهي انهن اسڪولن جي جوڙ جڪ جا ڪي قائدا قانون ضرور هوندا آهن پر هتي ته ڪنهن تي ڪنهن جو ڪو ضابطو ڪين آهي اهي قوم جي ٻچڙن جو اڇو ڪارو ڪندا رهن کائون نه پڇڻ وارو نه جوڙڻ وارو تازو ئي ميڊيڪل سيٽ جو پيپر آئوٽ ڪيو ويو جنهن تي لکن جي ڏيتي ليتي ڪئي ويئي غريب مسڪين بي پھچ ماڻهن جي اولاد رڙيون دانهون به ڪيون پر  اڃان ڪو کڙ تيل ڪين نڪتو اهڙي صورتحال ۾ ٻيو ڪجهه ئي نه ٿئي پر غريب جو محنتي ٻار هجڻ باوجود محنت جي ڪنهن به جاءِ پهچي ڪين سگهندو…

اسان جيڪڏهن سنجيدگيءَ ايمانداري ۽ پختگي سان ويچاريون ڇا اهڙي غير معياري تعليم وسيلي اسان پنهجي اولاد کي قابليت وارو سفر ڪرائي رهيا آهيون يا جهالت وارو اسان پنهجي خاندان لاءِ تعليمي چمڪ چاهي رهيا آهيون يا ڏوڪرن وسيلي جهالت واري اونداهي خريد ڪري رهيا آهن.

اڄ جي ماحول ۾ جنهن نموني سنڌ ۾ تعليم ونڊي ورهائي ۽ پڙهائي پيئي وڃي ڇا ان مان اسان مطمعين آهيون جي ناهيون ان طرف ڇو وڌي رهيا آهيون پر جيڪڏهن ميڊيڪل ٽيسٽ جي ڪي (پيپر) خريد ڪرڻ وارن ڏوڪرن مان وڻج واپار ڪرت ڪاروبار ننڍا ننڍا ڪارخانا دوڪان هوٽل ٽرانسپورٽ هلرائي سنڌ جي خوشحالي ممڪن بڻائي سگهجي ٿي اسان جي مٺڙي سنڌ کي هميشه هر مرحلي کر غير معياري ٺگيون، چالاڪيون ۽ ڪوڙن دڳرين وارن انسانن  پوئتي ڪيو آهي اڃان به وقت آهي اسان پنهجي مڪمل توجهه اولاد جي تعليم تي صرف ڪندي کين ان قابل بڻايون جيئن ڪنهن وسيلي جو سربراهه بڻائي يا هر ان آيل مان جان ڇڏائي سگهجي ڪو اهڙو هجي جيڪو ڪنهن اهم عهدي تي پهچي يقين ڪريو پوءِ به سنڌ ترقي ڪري سگهي ٿي ميرٽ جي ۽ سنڌ جي خوشحالي جي پڪ آهي…

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.