تربت: سي ٽي ڊي پاران مبينا مقابلي ۾ ماريل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي علائقي تربت ۾ مبينا سي ٽي ڊي مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو ڏهين ڏينهن به جاري آهي.  تربت مين چوڪ تي جاري احتجاجي ڌرڻي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته مبينا مقابلي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي تربت واري ڌرڻي ۾ گم ٿيلن جا وارث به گم ٿيلن جون تصويرون کڻي شريڪ ٿيا آهن، هنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن پيارن کي بازياب ڪرايو وڃي. واضح رهي ته گذريل خميس تي تربت ۾ مبينا مقابلي ۾ نوجوان بالاچ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.