اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي طرفان چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي لکيل خط جي جواب ۾ سپريم ڪورٽ پريس رليز جاري ڪري ڇڏي، چيف جسٽس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد مشتاق احمد جي طرفان جاري پريس رليز موجب پهرين ڊسمبر 2023 تي 7 صفحن جي درخواست (مع 77 صفحن تي مشتمل دستاويز) چيف جسٽس آف پاڪستان جي آفيس کي وصول ٿيا، پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته دستاويز ۾ ان کي تيار ڪندڙ وڪيل جو نالو ۽ رابطي جا تفصيل ناهن ڏنا ويا، لفافي موجب دستاويز انتظار حسين پنجوٿا ڪوريئر ڪيا هئا، پريس رليز ۾ چيو ويو ته دستاويز بظاهر هڪ سياسي جماعت طرفان موڪليا ويا آهن، جيئن ته وڪيل ان جماعت جي سٺي نمائندگي ڪندو رهيو آهي، گذريل ڏينهن ۾ ئي سپريم ڪورٽ ۾ ان جماعت جي وڪيل فوجي عدالتن ۽ چونڊن جي ڪيس کي پڄاڻي تائين کڻي ويو هو، چيف جسٽس جي سيڪريٽري طرفان جاري پريس رليز ۾ چيو ويو ته هي امر حيران ڪندڙ آهي ته سر بمهر لفافو وصول ٿيڻ کان اڳ ئي ان دستاويز کي ميڊيا تي جاري ڪيو ويو هو، پريس رليز ۾ چيو ويو ته سڀ يقين رکو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پنهنجي آئيني ذميوارين جي چڱي طرح سان خبر آهي، چيف جسٽس فائز عيسيٰ تي دٻاءُ نٿو وجهي سگهجي، نه ئي هو جانبداري ڪندو، الله جي فضل سان هو پنهنجي فرضن جي ادائگي ۽ پنهنجي منصب جي حلف پاسداري ڪندو رهندو.
فضل الرحمان ۽ نواز شريف چونڊن کان ڀڄڻ جو رستو ڳولين پيا: نثار کهڙو
لاڙڪاڻو (س ر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف چونڊن کان ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان پاران چونڊن لاءِ پرامن ماحول فراهم ڪرڻ ۽ امن امان جي خراب صورتحال جون ڳالهيون چونڊن کان ڀڄڻ جي برابر آهن ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري هن پنهنجي سياست تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي، ڇا فضل الرحمان سياست ڪنهن جي اشاري تي ڪري رهيو آهي؟ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن پنجاب ۾ ۽ جي يو آءِ ڪي پي ڪي ۾ عوامي حمايت وڃائڻ کانپوءِ بهانا ٺاهي اليڪشن ۾ دير چاهن ٿيون ۽ نواز شريف کي پنجاب ۾ پذيرائي نه پئي ملي ان لاءِ هو به چونڊن کان گهٻرائي رهيو آهي، چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻ گھرجن ۽ چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت قبول ناهي ڇاڪاڻ ته عوام اليڪشن ۽ اليڪشن جي شيڊول جي انتظار ۾ آهي ۽ هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن اليڪشن شيڊول جو اعلان نه ڪيو آهي جنهن تي اسان کي اعتراض آهي، نواز ليگ 18 هين ترميم جي خاتمي کي پنهنجي جماعت جي منشور ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ماضيءَ ۾ عمران خان به 18 هين ترميم جي خلاف هو، هاڻي نواز شريف به خلاف آهي، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارو به نواز شريف هو ۽ هاڻي اين ايف سي، صوبائي خودمختياري ۽ 18 هين ترميم خلاف به نواز شريف آهي، نواز شريف عمران خان ٻنهي قوم سان دوکو ڪيو آهي ان ڪري 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ قوم جا ڏوهاري آهن.
سنڌ سرڪار ۽ ڪويتي ڪمپني ۾ 51.6 ارب رپين جي معاهدي تي صحيحون
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت نجي شعبي جي پارٽنرشپ (پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ) ۾ 51.6 ارب روپين جي سڀ کان وڏي منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون نبي سر کان وينجھار واٽر سپلائي پروجيڪٽ سان ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ پاڻي جي رواني کي يقيني بڻايو ويندو. منصوبي جو معاهدو سنڌ حڪومت ۽ ڪويت جي ڪمپني انٽر ٽيڪ واٽر پرائيويٽ لميٽيڊ جي وچ ۾ ٿيو. تقريب ۾ قانون وارو نگران صوبائي وزير عمر سومرو، ڪويت جو عبدالله مبارڪ الصبح، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي قانون ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته پهريون ڀيرو سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ٿر ڪول بلاڪ مان 1650 ميگا واٽ بجلي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.