”ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي“ نعري هيٺ سنڌ اڄ ثقافتي ڏڻ ملهائيندي

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران اعلانيل نعري ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي جي سري هيٺ  نڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. قومي عيد جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ تقريبون ميڙاڪا، مچ ڪچهريون توڙي اسڪولن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون. جڏهن ته ريليون به ڪڍيون ويون. مردن، عورتون توڙي ٻارڙن پاران اجرڪ ٽوپي ۽ اجرڪ جا وڳا پهري سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ واسي قومي گيتن تي جهموريون هڻي سنڌ امڙ کي ڀيٽا ڏئي رهيا آهن. عوامي آواز پاران ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب تي ٿيندي، جتي وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، ٺٽو  ۽ ٻين شهرن ۾ به تقريبون ڪوٺايون ويون. سجاول، بدين، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ سانگهڙ ۾ به تقريبون، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، دادو، خيرپور ميرس، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، جيڪب آباد، عمرڪوٽ  ۽ ٿرپارڪر  جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ميڙاڪا، ريليون. هر طرف سهڻي سنڌ انڊلٺي رنگن ۾ رنڱجي وئي.  تقريبن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان پنهنجي عظيم ۽ قديم ثقافت جا وارث آهيون پنج هزار سال پراڻي ثقافت رکندڙ قوم آهيون اسان پنهنجي قديم ثقافت کي ثقافتي ويس پهري ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون.

ڪراچي ۾ اقصيٰ ڪينجهر جي اڳواڻي ۾ ٽڪ ٽاڪرز جي ريلي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ مشهور ٽڪ ٽاڪرز اقصيٰ  ڪينجهر جمالي، ماروي سومرو ۽ هيوي بائيڪر تارا جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، ڪراچي ۾ ٽڪ ٽاڪرز اقصيٰ ڪينجهر، ماروي سومرو ۽ هيوي بائيڪر تارا جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي آجيان لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ثقافتي ويس وڳا پهريل ٽڪ ٽوڪرز ۽ بائيڪرز ثقافتي ويس وڳا پهري سي ويو کان موٽرسائيڪلز ۽ گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ٽڪ ٽوڪرز ۽ بائيڪرز چيو ته اڄ ايڪتا جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائينداسين، ٽڪ ٽاڪرز جو چوڻ هو ته سنڌ جي هزارين سال پراڻي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ هر سنڌي جي ذميواري ۽ فرض آهي، اسان پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيون، هنن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا وڃن، ميرٽ جي بحالي ڪئي وڃي، نياڻين کي تعليم ڏياري وڃي، امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو وڃي.

سنڌ امن، محبت ۽ مهمان نوازي جي سرزمين آهي: محنتي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم  اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي ته سنڌ امن ۽ محبت جي سرزمين آهي جڏهن ته اجرڪ، ٽوپي ۽ رلهي اسلامي ثقافت، مهمان نوازي جي نشاني آهي، ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ هٿي ڏيڻ  جو بهترين ذريعو آهي، ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ” ايڪتا“ جي ڏهاڙي تي سنڌ جو عوام اهو وچن ڪري ته 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جي خوشحالي، امن ۽ ترقي لاءِ مخلص، ايماندار ۽ سنڌ دوست قيادت جي چونڊ ڪندو، ڪرپٽ ۽ نااهل قيادت جي ڪري اڄ تيل، ڪوئلي ۽ زراعت سان مالا مال شاهوڪار سنڌ جا ماڻهو بُک، بدحالي، مهانگائي ۽ غربت سميت بي شمار مسئلن جي وَر چڙهيل آهن.

بلاول ڀٽو پاران  سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جون مبارڪون

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام کي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون آهن. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري پريس رليز موجب پي پي پي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سدابهار ثقافت دنيا جي هڪ قديم ترين ۽ خوبصورت  تهذيب جو عڪس آهي، جنهن جو مرڪز موهن جو دڙو آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور پرامن، رواداري پسند ۽ وطن دوست هجڻ سان گڏوگڏ فن ۽ فطرت سان پيار ڪندڙ رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثقافتي اسان جي معاشري جي خوبصورتي ۽ دنيا لاءِ اسان جي قومي يڪجهتي جو بي مثال نمونو آهي. بامقصد ثقافتي سرگرميون معاشري مان نفرت، ويڇي ۽ ڪٽرپڻي جي سوچ لاءِ زهر ۽ رواداري، سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪنهن امرت کان گهٽ ناهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي سمورين ثقافتن کي هڪجهڙي اهميت ۽ درجو ڏيڻ تي يقين رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.