نگران صوبائي وزير احمد شاهه کي 3 کاتن جا قلمدان ڏنا ويا

ڪراچي (رپورٽر ) نگران صوبائي وزير احمد شاهه کي 3 کاتن جا قلمدان ڏنا ويا آهن، کيس اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي ڀلائي جو وزير  مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول بابر جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. محمد احمد شاهه کي گذريل ڏينهن گورنر هائوس ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري حلف کڻايو، تقريب ۾ وڏي وزير، صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري سميت سندس گهر ڀاتين شرڪت ڪئي. حلف کڻڻ کانپوءِ صوبائي وزير احمد شاهه آرٽس ڪائونسل پهتو، جتي سندس آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير احمد شاهه چيو ته آرٽس ڪائونسل منهنجي پهرين ترجيح آهي، ان کي جاري رکندس، وزارت ڪجهه وقت لاءِ آهي، وزارت سان پر نه نڪتا آهن، صحافين سان ساٿ رهندو، هن چيو ته وڏي وزير چيو آهي ته اطلاعات وارو کاتو سنڀال پر جيڪڏهن ڪا ٻي وزارت ملي ته به سنڀاليندس، هن چيو ته صوبائي وزير جي ڪا وڏي ذميواري نه آهي، ان کان وڌيڪ ذميواري ڏيو ملڪ کي بهتر ڪري ڏيکاريندس، چونڊن بابت سوال تي هن چيو ته چونڊون وقت تي ٿين اها خواهش آهي، چونڊيل نمائندن کي اقتدار ملڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.