حيدرآباد (پ ر) سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد ۾ ٿي، زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪريو ۽ زرعي ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو بند ڪريو جي سري هيٺ 7 کان 13 ڊسمبر تائين سموري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، سنڌ جون زمينون بي زمين ھارين کي ڏيڻ بدران عالمي ڪمپنين ۽ قبضاگيرن حوالي ڪيون پيون وڃن، حڪمرانن سنڌ جي زرعي معشيت کي سخت نقصان رسايو آھي، سنڌ جو زراعت کاتو مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آھي. ھنن چيو ته ھڪ طرف پاڻي جي ھٿرادو کوٽ وسيلي سنڌ جي ھارين جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪري ھارين کي سخت مشڪلاتن جي ور چاڙھيو ويو آھي، زرعي انقلاب منصوبن لاءِ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري پوءِ سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو ويندو، ڊيم اڏي سنڌ سڪائڻ جي سازش ٿي رھي آھي. سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سموري سنڌ ۾ ڀرپور جدوجھد ھلائي ويندي.