ميرٽ سان ئي ڪلچر بچائي سگهجي ٿو: سنڌ ۾ تقريبون، مچ ڪچهريون

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان ميرٽ جي بحالي، سنڌ جي خوشحالي جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، ميڙاڪا ٿيا، مچ ڪچهريون،  اسڪولن ۾ تقريبون ٿيون، شاگرد، شاگردياڻيون، ٻار، پڪا پوڙها جهومي پيا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سيوهڻ، لاڙڪاڻو، ميان صاحب، گهوٽڪي، خانپور، سانگهڙ، خيرپور، ملير، جهول، اسلام ڪوٽ، ڪنري، ڀان سيدد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، مچ ڪچهريون ٿيون، لاڙڪاڻي جي تعليمي ادارن ۾ تقريبون ٿيون، تقريب ۾ شاگردياڻين ۽ ٽيچرز ڀرت ۽ گج ڀريل توڙي اجرڪ سان مختلف رنگن جي سنڌي ويس وڳا پهري شرڪت ڪئي، ميان صاحب شهر ۾ فقير ميان علي رضا مهر جي ميزباني هيٺ درگاهه شريف تي ثقافتي سگهڙ ڪچهري ٿي، ملير جي علائقي سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ جي علي بخش پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ اسڪول انتظاميه پاران اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت، اسڪولي ٻارڙا سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، پٽڪا ۽ نينگريون ثقافتي ويس، ڀرٿ ڀريل ڪپڙا، گهگهن ۾ سنڌ جي ثقافتي ويسن ۾ شرڪت ڪري اسٽيج تي ثقافتي ٽيبلوز سان گڏوگڏ قومي گيتن تي جهمريون پڻ هنيون، تقريب ۾ آيل مهمان خاص ۾ رجسٽرار پرائيويٽ اسڪول رافعيه ملاح، عبدالفتح جوکيو ريجنل هيڊ سيف ڪراچي، حميرا ناز فياض پروگرام آفيسر ڪراچي، شڪيل سومرو، شعيب قريشي، رضوان عباسي، علي محمد شر، ياسين جوڻيجو ۽ ٻين کي سنڌ جي سوکڙي ۽ ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيون، لونگين جا تحفا پيش ڪيا ويا، عوامي آواز ميڊيا گروپ  پاران ثقافتي ڏينھن ڏينھن 3 ڊسسمبر تي ملھائڻ جي اعلان بعد ثقافتي رنگ نکري نروار ٿي ويا ،گورنمينٽ پرائمري سنڌي اسڪول خانپور ۾ پر وقار ثقافتي تقريب رکي وئيثقافت جا رنگ نکري نروار ٿي ويا ،شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريب ۾ قومي گيتن تي جهمريون ھڻي واھ واھ ڪري خوب داد وصول ڪيو، جھول شهر ۾ عوامي آواز جي سڏ هيٺ مچ ڪچهري ۽ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي ثقافتي تقريب ۾ علائقي جي بهترين مقامي راڳين ۽ سگهڙن حصو ورتو، اسلام ڪوٽ جي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ٿي، ٻارڙن جو قومي گيتن تي رقص،جهمريون هنيون ويون، ثقافتي ڏينهن ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪندي 3 ڊسمبر تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو،ڏهرڪي ۾ جسقم طرفان ثقافتي ڏينهن تي شاندار ثقافتي ريلي ڪڍڻ جي اعلان بعد ثقافتي ريلي جي ڪاميابي لاءِ رابطا مهم تيز ڪري ڇڏي،جسقم اڳواڻن امتياز ڀٽو، جاويد ديشي، رحيم ديشي ،مرتضيٰ سنڌي گل ديش مراد ديشي امتياز سنڌي ۽ ٻين شهر جي مختلف علائقن مسلم ڪالوني القطب ڪالوني شاهي بازار ظفر بازار ۽ ٻين هنڌن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ثقافتي ريلي جون دعوتون ڏنيون،  تقريبن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان پنهنجي عظيم ۽ قديم ثقافت جا وارث آهيون پنج هزار سال پراڻي ثقافت رکندڙ قوم آهيون اسان پنهنجي قديم ثقافت کي ثقافتي ويس پهري ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون ۽ 3 ڊسمبر تي ريليون ڪڍي ثقافتي رنگن ۾ رنگجي سڄي سنڌ سميت ڪراچي جي رستن تي به سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، پٽڪا پائي دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان کي پنهنجي قديم ۽ عظيم ثقافت کي وساريو ناهي جيڪي قومون پنهنجي ثقافتن کي وساري ڇڏينديون آهن يقينن اهي دنيا جي نقشي تان مٽجي وينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.