باقراڻي ڀرسان پراسرار گولي لڳڻ سبب عورت مارجي وئي

خير محمد آريجا (رپورٽ: سيد عطا محمد شاھ) باقراڻي تعلقي جي بقاپور ٿاڻي جي حد ڏهوٽ چوڪ شيخ ڳوٺ ۾ مبينا گولي لڳڻ سبب چاليھه ورهين جي عورت مسمات زليخه زال محمد علي شيخ مارجي وئي پوليس عورت جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، بقاپور پوليس رابطو ٻڌايو ته ڏهوٽ چوڪ شيخ ڳوٺ ۾ عورت زليخان زال محمد علي شيخ کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، مارجي ويل عورت جي وارثن محمد علي شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته پراسرار گولي لڳڻ سبب عورت قتل ٿي وئي آهي، پوليس ۽ عورت جي وارثن جي بيانن ۾ تضاد نظر آيو، عورت جو موت ڳجهارت جو بڻيل رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.