نياڻين کي برابري وارا حق ڏيڻ سان سنڌ ترقي ڪندي، وسيلن جي ڦرلٽ قبول ناهي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ ايس جي ايس ٽي طرفان قاسم آباد جي ڳوٺ شھمير چانڊيو ۾ محبت سنڌ مچ ڪچھري ڪئي وئي، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي  سربراهه اياز لطيف پليجي خصوصي شرڪت ڪئي، جڏھن ته پروگرام جي صدارت سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، ايس جي ايس ٽي جي رفيعه پليجو ڪئي، جڏھن ته فنڪاره ديبا سحر، سنڌياڻي تحريڪ جي نصرت خاصخيلي، رضيا عباسي، صبا سمون، سونھن ابڙو، سيمه جوڳي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا،  پروگرام ۾ قومي گيتن تي ٽيبلوز ڪيا ويا. جڏھن لوڪ گيت ۽ سھرن تي رقص ڪيو ويو. مچ ڪچھري کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌياڻي تحريڪ محبت سنڌ ثقافتي مچ ڪچھري جو پروگرام ڪري نئين تاريخ لکي آھي. عورتن ۽ نياڻين کي برابري وارا حق ڏيڻ کانسواءِ سنڌ ترقي نٿي ڪري سگھي. سنڌي ماڻھو ثقافتي ڏينهن تي دنيا جي ٻين  قومن سان محبت جو اظهار ڪن ٿا. اسان کي ست ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي، سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان  پيار ڪندڙ آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌي قوم ھميشه پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي، علم، امن، ميرٽ، صحت، شفافيت ۽ احتساب ۾ سنڌ جي بقا آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي، شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي، ظلم خلاف جدوجھد جي ضرورت آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو ته سنڌ جا ماڻھو پنهنجي ثقافتي ڏينهن تي دنيا جي ٻين قومن سان محبت جو اظهار ڪن ٿا. اسان کي 7 ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي۔ سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان  پيار ڪندڙ آھن۔  زينت سمون چيو  ته  سنڌي قوم ھميشه پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي،سورھيه بادشاھ ھوشو شيدي، شھيد فاضل راھو، شھيد غزالا بتول صديقي، ھيمون ڪالاڻي سميت ھزارين ۽ لکين ڌرتي ڌڻين جانين جا نظرانا ڏئي پنھنجن نسلن کي بچايو آھي۔ ھن چيو  ته ‏پيپلز پارٽي ھميشه سنڌ ڪارڊ تي اقتدار حاصل ڪري سنڌ جي وسيلن کي ڌارين حوالي ڪري ڦر لٽ ڪئي آهي سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ، سمنڊ درياھ، ڪارونجھر ٻيا وسيلا سنڌ جي دولت ۽ ملڪيت آھن۔ وفاق يا ڪا ٻي طاقت جو قبضو قبول ناھي، رفيعه پليجو چيو ته سنڌي ماڻھو پنھنجن وسيلن تي قبضي خلاف جدوجھد جي ميدان تي اچن۔  علم، امن، ميرٽ، صحت، شفافيت ۽ احتساب ۾ سنڌ جي بقا آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي۔ نصرت خاصخيلي، صبا سمون ۽ ٻين پڻ  محبت سنڌ مچ ڪچهري ۾ ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.