اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ آفيسرن جون ٽيون ڀيرو بدليون، مقرريون

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر ) اينٽي ڪرپشن ۾ اڳوڻي چيئرمين جا مقرر 17 سرڪل آفيسر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ انسپيڪٽر جون ٽيون  ڀيرو مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون، اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ذوالفقار شاھھ پاران اڳوڻي چيئرمين پاران مقرر اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن جون ٽيون ڀيرو بدليون ٻين ضلعن ڏانھن ڪري ڇڏيون آهن، جاري نوٽيفڪيشن موجب ڏکڻ ضلعي جو سرڪل آفيسر اسد علي ڪورائي سانگھڙ روانو، سانگھڙ جو سرڪل آفيسر سمير خان حيدرآباد ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ۾ ڊسپوزل تي مقرر بابر صالح کي دادو موڪليو ويو، اتان آصف علي راڄپر کي بدلي ڪري ڏکڻ ضلعي جو سرڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو، ٺٽي جي سرڪل آفيسر محمد مھراب خان کي ھٽائي رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي، اولھھ زون جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حاجي خان ڦلپوٽو ڊائريڪٽر اسٽاف مقرر  ڪيو ويو اهڙي طرح 16ھين گريڊ جو انسپيڪٽر حميل احمد رضوي اولھھ زون جي ڊپٽِي ڊائريڪٽر آفيس ۾ مقرر، پوسٽنگ جي انتطار ۾ ويٺل انسپيڪٽر جاويد چاچڙ کي سکر  ڏانھن بدلي ڪيو ويو،سکر جو انسپيڪٽر محمد رفيق ڀٽو ڪراچي ڊائريڪٽوريٽ آفيس ۾ مقرر ٿي ويو، انسپيڪٽر فياض علي ڀرٽ کي حيدرآباد ڏانھن روانو ڪيو ويو، اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين گھڻي وقت کان ھڪ ھنڌ تي مقرر آفيسرن کي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ڏانھن اماڻي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.