ميرپورخاص ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 300 کان وڌي ويو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ايڊز ۾ مبتلا مريضن جو انگ 3 سئو کان وڌيڪ ٿي ويو، ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي  موقعي تي  ميرپورخاص ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو سيمنار کي خطاب ڪندي  اسسٽنٽ ڪمشنر عرفان نظاماڻي چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ سٺو قدم آهي پر اهڙا سيمينار عوامي هنڌن تي پڻ منعقد ڪرڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهن کي به ايڊز بابت ڄاڻ ملي سگهي ۽ هو ايڊز کان محفوظ رهي سگهن،  ھن وڌيڪ چيو ته  ڊاڪٽرز سيمينار مان حاصل ڪيل معلومات کي پنهنجن علائقن جي ماڻهن تائين پهچائن ۽ ايڊز جي مريضن سان گڏوگڏ عام مريضن سان به بهتر رويو رکيو وڃي، ڊاڪٽر ليکراج مهيشوري ۽ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سنتوش ڪمار ايڇ آءِ وي ايڊز وائرس بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي رجسٽرڊ مريضن جي تعداد  300 مريض آهن جن جو صحت کاتي پاران مفت علاج ڪيو پيو وڃي،  ايڊز  وائرس هٿ ملائڻ ،  ڇهڻ، کنگهڻ، سنگهڻ  سان نه ٿو  پکڙجي، پر هي وائرس ايڊز مريضن جو رت صحت مند انسان کي لڳايو وڃي يا رت ٽچ ڪرڻ سان  پکڙجي ٿو ن ڪري ضرورت پوڻ تي هميشه ٽيسٽ ٿيل رت لڳايو، نئين سرنج، حجام يا بيوٽي ​​پارلر ۾ نئين ريزر بليڊ استعمال ڪريو، ازدواجي لاڳاپن کي صرف پنهنجي مڙس تائين محدود ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.