اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ هن سال هيل تائين ايڇ آءِ وي جا 9 هزار 284 نون مريضن جو انڪشاف ٿيو آهي، صحت واري وفاقي وزارت موجب پاڪستان ۾ هر مهيني ايڇ آءِ وي جا تقريبن 900 کان هڪ هزار نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن جڏهن ته ان کان اڳ 2022ع ۾ به ايڇ آءِ وي جا 10 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا هئا، صحت واري وزارت ٻڌايو ته ايڇ آءِ وي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۽ سنڌ ۾ سامهون اچي رهيا آهن، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان مان به ايڇ آءِ وي جا ڪيسز رپورٽ ٿي رهيا آهن،‘وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۽ ڀرپاسي سميت ڪشمير مان به هر مهيني تقريبن 40 کان 50 نواز ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، ناڪافي قدمن ۽ غير محفوظ جنسي لاڳاپا ايڇ آءِ وي پکيڙڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهن، ايڇ آءِ وي سڀ کان گھڻا ڪيس حادثاتي طور تي ٽيسٽنگ جي نتيجي ۾ سامهون اچي رهيا آهن جنهن لاءِ پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي جي ٽيسٽنگ وڌائڻ جي ضرورت آهي.