بخشاپور ڀرسان جکراڻي ڌرين ۾ خوني تڪرار ڀڙڪي پيو، نوجوان قتل

بخشاپور (عوامي آواز نيوز) بخشاپور ڀرسان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، بخشاپور ڀرسان محمداڻي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان نوجوان مارجي ويو، جوابدار ڳوٺ شاهه دوست جکراڻي جي رهواسي نوجوان پيپسي سناني جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جکراڻي برادري جي سياڦاز جکراڻي ۽ سناني جکراڻي برادري ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب هي واقعو پيش آيو، ذريعن موجب ٻنهي ڌرين ۾ 15 سالن کان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي ٻنهي ڌرين جا هن وقت تائين 5 قتل ٿي چُڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.