ڪراچي(رپورٽ: محمدعلي نقرچ)ڪراچي سينٽرل جيل جا قيدي به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويا، غم ڀلائي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي رقص، جيل انتظاميا پاران ثقافتي خوشي ۾ قيدين کي ٻه مهينا قيد ۾ رعايت ڏيڻ جو اعلان، خبر موجب ڪراچي سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميا طرفان سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان جيل ۾ ثقافتي پروگرام ڪوٺايوويو، ڊي آءِ جي جيل محمد حسن سهتو، ايس ايس پي جيل عبدالڪريم ڪنٽرولر احسان مهر ۽ ٻين شريڪ ٿي قيدين سان گڏ خوشي ملهائي، ان موقعي تي قيدين کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا ڏيڻ سان گڏ ڪيڪ به کارايو ويو، ڊي آءِ جي جيل محمد حسن سهتو ۽ ايس ايس پي عبدالڪريم تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو اهميت رکي ٿو، جيل ۾ قيد پيارن کان پري رهندڙ قيدين کي هن خوشي ۾ شامل ڪيو آهي، سندن چهري تي خوشيون آهن، هي ڏهاڙو عيد جي ڏهاڙي کان به وڌيڪ اهميت واري آهي، هنن چيو ته سنڌي ثقافتي ڏينهن سان گڏ بلوچي ۽ ٻين ڏهاڙن تي به تقريبون ڪوٺائينداسين، ان موقعي تي قيدين لاءِ خوشي جي موقعي تي 2 مهينا قيد ۾ رعايت جو اعلان به ڪيو ويو، جڏهن ته ثقافتي پروگرام ۾ قيدين بنل چنو، احمر پيرزادو ۽ ٻين جهمريون هنيون.