ارڙھين ترميم سان ھٿ چراند ٿي ته سنڌ مزاحمت ڪندي: بخشل ٿلھو

حيدرآباد (ڳالھھ ٻولھه: حسيب لطيفي) عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھي چيو آھي تھ سنڌ جا  ماڻھو تھ ارڙھين آئيني ترميم مان بھ ايترو خوش ناھن ۽ سمجھن ٿا تھ اھا خودمختياري بھ رضامندي واري آھي، پر ارڙھين ترميم مڪمل خودمختياري ڏانھن وڃڻ جو ھڪ رستو ضرور ٿي سگھي ٿي، جيڪڏھن ارڙھين ترميم سان ھٿ چراند ڪئي وئي تھ سنڌ ان جي مزاحمت ڪندي، عوامي سياسي قوتون قومپرست، ترقي پسند ۽ جمھوريت پسند، پيپلزپارٽي تي پنھنجي تنقيد رکندي بھ ارڙھين آئيني ترميم خلاف سازش کي برداشت نھ ڪندا. عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪامريڊ بخشل ٿلھي چيو تھ ماضيءَ ۾ سائين جي ايم سيد ۽ کاٻي ڌر جي ڌرين اتحاد ڪري ون يونٽ جو مقابلو ڪيو ھو ۽ رياست کي پير پوئتي ڪرڻا پئجي ويا ھئا، قومن پاڪستان کي ٺاھيو آھي پاڪستان قومن کي ناھي ٺاھيو، بجاءِ نئين سماجي ٺاھھ جي اٽي ۾ لوڻ برابر خودمختياري بھ کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو تھ سائين جي ايم سيد پاڪستان جي حق ۾ 1940ع واري قرارداد جي روشني ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائي، 40ع جي قرارداد ۾ ھو تھ ھن ملڪ اندر قومون آزاد ۽ خودمختيار ھونديون، صوبا خودمختيار رياست جي حيثيت ۾ ھوندا، سنڌ کي اھا خودمختياري گھرجي ٿي جنھن ۾ سنڌ جي پاڻي جو فيصلو مٿي ويٺل 4 ماڻھو نھ ڪري سگھن. ھن چيو تھ سنڌي ٻوليءَ سميت سمورين مقامي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ اسٽيبلشمينٽ جو سرمايو ملڪ جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آھي ان ڪري اھا ڳالھھ سڌي ڳالھھ ٿي پئي آھي تھ فيصلا بھ اھي ئي ڪندا، آبادگارن ۽ ھارين کي زرعي جنسن جا اگھھ نٿا ملن، ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رھيو آھي، سنڌ ۾ سھولتون سڀ آصف زرداري وٺي ٿو ۽ پيڙھجي عام ھاري، آبادگار ۽ مزدور ٿو. ھن چيو تھ ملڪ رياض جھڙن سرمائيدارن، حڪمران سياستدانن، قبضي خورن، جاگيردارن ۽ وياج خورن جا مفاد ساڳيا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.