عوامي آواز سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو حقيقي آواز آهي : اعجاز سامٽيو

ڪراچي (رپورٽر) ايس يو پي پاران عوامي آواز جي ميرٽ جي بحال سنڌ جي خوشحالي واري نعري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو  آهي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، ڊويزنل صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، منير مگسي ۽ ٻين عوامي آواز ڪراچي جي هيڊ آفيس پهچي سموري سٿ کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا، ايس يو پي اڳواڻن عوامي آواز جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حسن ناصر خٽڪ، عوامي آواز ڊجيٽل جي هيڊ عدنان هاشمي ۽ ذلف پيرزداو سميت سموري سٿ کي اجرڪ پهرائي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون،  ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو جو چوڻ هو ته عوامي آواز سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو حقيقي آواز آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ جيستائين ميرٽ جي بحالي نه ٿيندي تيستائين خوشحالي ممڪن ناهي، عوامي آواز سان گڏ ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو. مظلوم ماڻهن، سنڌ جي حقن، قومي وسيلن ۽ ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ تي عوامي آواز جي سموري سٿ جس لهڻو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.