فيصل آباد ۾ هڪ شخص زال ۽ ٽن ڌيئرن کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد ۾ خراب مالي حالتن، تنگدستي ۽ قرض جي عدم ادائگي تي هڪ شخص زال ۽ 3 ڌيئرن کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس ٿاڻي  ڊجڪوٽ فيصل آباد جي علائقي 271 رب بڙهولي والا جي رهائشي 55 سالن جي طاهر صديق خراب مالي حالتن، تنگدستي، قرض جي عدم ادائگي ۽ شديد ڊپريشن سبب پنهنجي 45 سالن جي زال ناهيد اختر ۽ ٽن ڌيئرن 19 سالن جي رئيسا، 16 سالن جي حفصه ۽ 12 سالن جي زهره فاطمه کي زهريلي گوريون ڏيڻ کانپوءِ هٿوڙي جا وار ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته بعد ۾ پاڻ به ڪڻڪ ۾ رکجندڙ زهريلي گوريون کائي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. فوتي طاهر صديق آپگهات کان اڳ خط لکيو ته هو خراب مالي حالتن سبب اهو انتهائي قدم کڻي رهيو آهي، جيتوڻيڪ سندس ڀائرن ڀينرن سندس مدد ڪئي پر سندس حالتون بهتر نه ٿي سگهيون ۽ هو نه ته ٻارڙين جي ڪفالت ڪري سگهي پيو ۽ نه ئي پاڻ کانپوءِ اڪيلو ڇڏي سگهي پيو ان ڪري اهو انتهائي قدم کڻي رهيو آهي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي اعليٰ پوليس اختياريون واقعي واري هنڌ پهچي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.