نواز شريف سان ڌڪ ٿيو آهي : بابر اعواڻ

اسلام آباد (م ڊ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته اسان هر سيٽ تي وڙهنداسين ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ اميدوار هوندو، نواز  شريف سان ڌڪ ٿي ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ پاران انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا، اڄ پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون ٿي وينديون. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي آئون چيو ته چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ به نظر اچڻ گھرجي، چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ چيو ته هڪ پارٽي کي نڪرڻ نه پيا ڏيو اها ڪهڙي ليول پليئنگ فيلڊ آهي. بابر اعواڻ جو اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف بابت چوڻ هو ته نواز شريف سان ڌڪ ٿيو آهي، جيتري وڻيو رليف ڏيوس سميع الله واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کيس نااهل ڪيو آهي. هن چيو ته ان ڪيس ۾ رڳو سپريم ڪورٽ لارجر بئنچ ئي سزا کي ختم ڪري سگھي ٿي، نواز شريف جي ڪيس ۾ سندس وڪيل ريوو فائيل ڪيو پر اهو خارج ڪيو ويو. پي ٽي اڳواڻ چيو ته خيبرپختونخواهه جي خودمختياري تي حملو ٿيو آهي، اليڪشن ڪميشن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته فاٽا جون 5 سيٽون ڪهڙي اختيار سان ختم ڪيون ويون؟ آئين ۾ لکيل آهي ته قومي اسيمبلي جون 342 سيٽون هونديون هنن 5 اڏائي ڇڏيون. هن وڌيڪ چيو ته اها سڌي سڌي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت آهي، آئين موجب فاٽا کي خاص ڌيان ۽ خاص رعايت ملڻ گھرجي،فاٽا جو عوام نواز شريف کي ووٽ نه ڏيندو ان ڪري هنن سان زيادتي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.