ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين:فضل الرحمان

جيڪب آباد (ڊر) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ تبديلي ايندي، 75 سال ملڪ ۾  غلط قيادت کي چونڊيو ويو آھي جنھن ڪري عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيا، اسان فلسطين جي مجاهدن ۽ غزه جي غازين سان گڏ آھيون، انھن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، اھڙن خيالن جو اظهار هن جي يو آءِ جيڪب آباد جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ ملندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، فضل الرحمان چيو ته ڪراچيءَ، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ھاڻي لاڙڪاڻي ۾ فلسطينين جي حمايت ۾ وڏا مظاهرا ڪڍيا، ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين، مان 18ترميم جي موقعي تي نيب جي خاتمي لاءِ چيو هو، ھاڻي ڪورٽ به چيو آھي ته اسان ڪنھن جي اشاري تي ڪيس ڪندا ھئاسين، اسان بروقت چيو هو ته ھڪ يهودي کي آندو پيو وڃي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو چيو وڃي پيو، پنھنجي ملڪ کي صحيح رستي تي آڻڻو آھي، هن چيو ته چونڊن ۾ پرامن رستو ڏيڻو آھي ته جيئن ھڪ اميدوار چونڊن جي مھم ھلائي سگھي، ادارا چئي رھيا آهن ته دهشتگردي جي جنگ وڙھي رھيا آھيون ڇا امن فراهم ڪيو ويو آھي، ملڪ کي امن ۽ خوشحال معيشت ڏيڻ چاھيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.