فيض آباد ڌرڻو ڪميشن، نگران وزير فواد حسن فواد طلب

اسلام آباد ( م ڊ ) اختر علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪميشن، نگران وزير ۽ اڳوڻي سيڪريٽري فواد حسن فواد کي طلب ڪري  ورتو. ذريعن موجب ڌرڻي جي ڪميشن 5 ڊسمبر تي فواد حسن فواد جو بيان رڪارڊ ڪندي، هن 22 نومبر 2017 جي اجلاس جا منٽس رڪارڊ ڪيا هئا. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻو گهرو وزير احسن اقبال ڪميشن آڏو پيش ٿيا آهن. ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي جو شروعاتي بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪميشن شاهد خاقان عباسي کي 4 صفحن تي ٻڌل سوالنامو ڏنو هو جنهن ۾ 32 جي لڳ ڀڳ سوال هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.