پهريان چار ديواري جو تقدس پامال ٿيو، هاڻي عورتن جو تماشو بڻايو ويندو: عليما خان

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان پنهنجي ڀاڄائي بشريٰ بي بي ۽ وڪيل لطيف کوسا جي مبينا ٽيليفونڪ  ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته هنن جو شرم ختم ٿي ويو آهي ۽ هاڻي گهرن تائين پهچي ويا آهن، آمريڪي صدر نڪسن کي ماڻهن جي نجي گفتگو رڪارڊ ڪرڻ تي ٻاهر ڪڍيو ويو. هن چيو ته بشريٰ بي بي سان اختلاف آهي يا نه، پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ آهي ۽ سڀ ان لاءِ بيٺا آهن. عليما خان ان ڳالهه جي تصديق يا ترديد ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته پهريان چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو، هاڻي عورتن کي چار ديواري مان ڪڍي پوءِ تماشو بڻايو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن گهر جي عورتن جي ڳالهه ٿيندي ته سڀاڻي ڪنهن ٻي عورت جي آڊيو ٻڌي رهيا هونداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.