القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ملڪ رياض، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سميت 8 جوابدار نامزد

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) برطانيا مان ملڪ رياض جا پڪڙيل 190 ملين پائونڊ بحريا ٽائون جي ڏنڊ واري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ان عيوض القادر يونيورسٽي لاءِ  زمين ۽ تحفا وٺڻ واري  نيب جاچ مڪمل ٿي وئي آهي. نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس جي نالي سان مشهور ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي ۽ جاچ  آفيسر ميان عمر  نديم ريفرنس تيار ڪري احتساب عدالت  ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي جتي  ريفرنس جو جائزو ورتو پيو وڃي، ذريعن  موجب ريفرنس  ۾ وڏو مالي فائدو حاصل ڪندڙ ملڪ رياض، عمران خان، علي رياض، بشريٰ بي بي، شهزاد اڪبر، زلفي بخاري ۽ فرح گوگي سميت 8 جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن، ريفرنس سان گڏ اهو ايگريمينٽ به شامل ڪيو ويو آهي. جيڪو القادر يونيورسٽي جي تعيمر بابت ملڪ رياض، عمران خان ۽ بشريٰ  بي بي ۾ ٿيو هو. جڏهن ته برطانيا ۾ ملڪ رياض جي مني لانڊرنگ ذريعي  غير قانوني طور منتقل ڪيل رقم 190 ملين پائونڊ پاڪستان کي واپس اماڻي وئي هئي. پر اها رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران ملڪ رياض تي عدالت طرفان وڌل ڏنڊ واري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي هئي. ان جا تفصيل به ريفرنس ۾ داخل ڪيا ويا آهن، امڪان آهي ته احتساب عدالت سومر تائين ريفرنس جو جائزو وٺڻ بعد جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي. جيڪي پرڏيهه ۾ آهن، يا ملڪ ۾ موجود آهن، اهي ذاتي طور پيش نه ٿيا ته اشتهاري قرار ڏنا ويندا. ياد رهي ته مارچ 2021ع ۾ ملڪ رياض سان معاهدو ڪيو ويو هو ته القادر يونيورسٽي جي تعمير بحريا ٽائون ذريعي ٿيندي، جڏهن ته ان عيوض ملڪ رياض کي برطانيا مان آيل 190 پائونڊ ڏيڻ جو عمران خان ۽ ٻين  تي الزام آهي بشريٰ بي بي تي به الزام آهي ته هن ملڪ رياض کان رشوت طور تحفي ۾ هيرن جو هار، سونيون منڊيون ۽ ٻيا تحفا ورتا، فرح گوگي به بني گالا ڀرسان ملڪ رياض کان تحفي جي نالي ۾ زمين حاصل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.