ن ليگ ۾ اختلاف، چونڊ مهم شروع نه ٿي سگهي

لاهور (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن، جنهن ڪري نواز شريف سخت  پريشان آهي ڇو ته بشير ميمڻ کي سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ کانپوءِ اڳوڻو گورنر محمد زبير ناراض ٿيڻ  سبب خاموش  آهي.  هو عمران  دور ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي ترجماني ڪندو رهيو هو پر کيس اهميت نه ملڻ جي شڪايت آهي ان ڪري ناراض  آهي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته محمد زبير جي پٽ حسن زبير به ن ليگ يوٿ ونگ سنڌ جي صدارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته مفتاح اسماعيل اڳ ئي پارٽي سرگرمين کان پري آهي. اطلاع  ته اهي به اچي رهيا آهن ته مسلم ليگ ن  پنجاب ۾ به ڪافي اڳواڻن وچ ۾ ناراضگيون آهن، پر اختلاف اڃان منظر تي نه آيا آهن. مطلب ته ن ليگ اندر سڀ ڪجهه ٺيڪ نه آهي. ان ڪري ئي شايد اڃان تائين پارٽي سطح تي چونڊ مهم شروع نه ٿي سگهي آهي، صرف پيپلز پارٽي چونڊ مهم هلائي رهي آهي. جڏهن ته جي يو آءِ  به اڃان خاموش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.