ڪراچي سينٽرل جا قيدي به ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويا، تقريب

ڪراچي(رپورٽ: محمدعلي نقرچ)ڪراچي سينٽرل جيل  جا قيدي به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويا، غم ڀلائي  اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي رقص، جيل انتظاميا پاران ثقافتي خوشي ۾ قيدين کي ٻه مهينا قيد ۾ رعايت ڏيڻ جو اعلان،  خبر  موجب ڪراچي سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميا طرفان سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان جيل ۾ ثقافتي پروگرام ڪوٺايوويو، ڊي آءِ جي جيل محمد حسن سهتو، ايس ايس پي جيل عبدالڪريم ڪنٽرولر احسان مهر ۽ ٻين شريڪ ٿي قيدين سان گڏ خوشي ملهائي، ان موقعي تي قيدين کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا ڏيڻ سان گڏ ڪيڪ به کارايو ويو، ڊي آءِ جي جيل محمد حسن سهتو ۽  ايس ايس پي عبدالڪريم تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو اهميت رکي ٿو، جيل ۾ قيد پيارن کان پري رهندڙ قيدين کي هن خوشي ۾ شامل ڪيو آهي، سندن چهري تي خوشيون آهن، هي ڏهاڙو عيد جي ڏهاڙي کان به وڌيڪ اهميت واري آهي، هنن چيو ته سنڌي ثقافتي ڏينهن سان گڏ بلوچي ۽ ٻين ڏهاڙن تي به تقريبون ڪوٺائينداسين، ان موقعي تي قيدين لاءِ خوشي جي موقعي تي 2 مهينا قيد ۾ رعايت جو اعلان  به ڪيو ويو، جڏهن ته ثقافتي پروگرام ۾ قيدين بنل چنو، احمر پيرزادو ۽ ٻين جهمريون هنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.